زند- اوستا

زند- اوستا (Zend-Avesta): زند اوستا، زردشتي مذهب وارن جو مقدس ڪتاب آهي، جيڪو باختري دؤر جي هڪ ڏاهي زردشت، ايران جي قديم ٻولي اوستا ۾ لکيو هو. هو ڇهين صدي ق. م جو ايراني پيغمبر هو. هن ڪتاب جي نظمن کي ’گاٿائون‘ چئجي ٿو، جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي گاٿائون زردشت پاڻ لکيون هيون، جيڪي اوستا جي ’ياسنا‘ واري حصي ۾ ڏنل آهن. عالمن جو چوڻ آهي ته ياسنا وارو حصو، زند اوستا کان اڳ جو لکيل آهي. ياسنا واري حصي کي کڻي، پوءِ جي ماڻهن ان ۾ واڌارا ڪيا آهن. انهيءَ وڌايل حصي کي ’نئين اوستا‘ (Younger Avesta) چيو وڃي ٿو. اوستا اصل ۾ ان لکت کي به چئبو آهي، جنهن ۾ زردشت جو لکيل مقدس ڪتاب مليو آهي. اوستا ٻوليءَ جو واسطو، ايران ۽ قديم پرشيا کان سواءِ هندستان جي گجرات واري علائقي ۾ وسيل پارسين سان به رهيو آهي. هن ٻوليءَ ۾ صرف زردشت جون لکيل گاٿائون مليون آهن.
عالمن جو خيال آهي ته اوستا هند ايراني ٻولين جي خاندان جي ٻولي هئي، جيڪا هزارين سالن کان ايران جا ماڻهو ڳالهائيندا رهيا، پر هن ٻوليءَ جي لکت ڇهين صدي ق. م ۾ زردشت جي لکيل مقدس ڪتاب زند- اوستا ذريعي ملي آهي. هيءَ ٻولي به ٻين ايراني ٻولين وانگر ساڄي کان کاٻي لکي ويندي هئي ۽ پهلوي ٻوليءَ جي لکت سان مشابهت رکندي هئي. هن ٻوليءَ جي لپيءَ ۾ 16 سُر (حرف علت) ۽ 37 وينجن هئا، ۽ اُها هاڻي لکڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي. هيءَ ٻولي سنسڪرت سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿي، جو سنسڪرت ٻولي به هند آريائي ٻولي آهي. زردشت جيئن ته اوستا ٻوليءَ ۾ پنهنجو ڪتاب لکيو هو، ان ڪري زردشت جي مقدس ڪتاب جو نالو ئي بعد ۾ ’اوستا‘ رکيو ويو، جڏهن ته لفظ ’زند‘ جي معنيٰ آهي ’سمجهاڻي‘.
هيءُ ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. جن ۾ (1) ياسنا، (2) وسپرد، (3) وينديدار، (4) ياشت ۽ (5) خورده اوستا شامل آهن. انهن مڙني حصن کي وري ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي:
پهرئين ڀاڱي ۾ ويندايد، وسپرد ۽ ياسنا شامل آهن: ويندايد ۾ مذهبي اصول/قانون ۽ مافوق الفطرت ڳالهيون، وسپرد ۾ ايثار ۽ قربانيءَ متعلق دعائن جو سلسلو ۽ ساڳيءَ ريت ياسنا ۾ به گهڻو ڪري دعائون، دعائيه نظم ۽ وراڻيون سهيڙيل آهن، جن مان پنج ڀڄن يا گاٿائون اوستا جي عام فهم ٻوليءَ کان هٽي، قديم دور جي خاص لهجي ۾ چيل آهن. جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب پنهنجي مڪمل حالت ۾ ڌار ڌار پڙهيا نه ٿي ويا، ان ڪري انهن مختلف ڪتابن جي بابن کي هڪٻئي سان ملائي هڪ ئي صورت ۾ رکيو ويو آهي، ترجمي کانسواءِ اصل ماخذ تي مشتمل هن حصي کي وينديداد سداهه (Vendidadsadah) ۽ خالص وينداد (Vendidad Pure) جي نالن سان سڏيو ويندو آهي.
زند- اوستا جو ٻيو حصو خورده اوستا/ننڍي اوستا (Small Avesta) جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ حصو ننڍين ننڍين دعائن تي ٻڌل آهي، جيڪي ڏينهن، مهيني، سال ۽ خاص موقعن تي مقرر عبادتن ۽ رياضتن دوران نه صرف زردتشت مت جي عالمن بلڪه عقيدتمندن طرفان پڙهيون وينديون آهن، جن ۾ 5 گاٿائون، 30 سپه روز جا طريقا، 3 افريگن ۽ 6 نيايِس اچي وڃن ٿا. خورده اوستا ۾ ياشت واري حصي مان ڪيترا ڀڄن ۽ مناجاتون شامل آهن، جيڪي سندن خدا ’اهرمزد‘ جي ساراهه ۽ کانئس دعائون گهرڻ وقت انتهائي عقيدت ۽ احترام سان پڙهيون وينديون آهن. ’انسائيڪلو پيڊيا آف ورلڊ رليجنز‘ جي چوڏهين جلد Zorostrianism جي پنجين باب ۾ پائلا آر. هارٽز (Paula R.Hartz) زند اوستا جي ٻئي حصي کي ينگ اوستا (Young Avesta) سڏيو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هي حصو زرتشت مت جي مبلغ ۽ باني زرتشت کانپوءِ جي مذهبي عالمن تحرير ڪيو هو.


لفظ زند- اوستاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو